شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه

شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه

شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه

شاڪر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه: هيءَ درگاهه تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ سٺيي ڪئنال جي ڪپ سان بچل شاهه بخاريءَ جي درگاهه جي ويجھو قائم آهي. درگاهه چؤديواريءَ کانسواءِ کليل ميدان تي واقع آهي، جنهن جي چؤڌاري سوين پراڻيون قبرون آهن. سنڌ جو اڳوڻو وڏو اڳوڻو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس خاندان به هن درگاهه جا عقيدتمند آهن. درگاهه جو مقبرو آڳاٽو تعمير ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن جي پيڙهه ۾ پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو پلستر يا ليپو وغيره ٿيل ناهي، باقي مقبري جي عمارت تي سفيد چوني جو ليپو ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ سيمينٽ سان پلستر ٿيل قبرون آهن. مقبري جو لنگھه لينٽيئر تي ٻڌل چؤڪاٺي جي دروازي وارو آهي. دروازي جي مٿان سادي قسم جو تاج ٺهيل آهي. ڇت تي وڏو گول گنبذ آهي، جيڪو پڻ چوني سان لتل آهي. مقبري جي پسگردائيءَ جا مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت هن مقبري جي مرمت ڪرائيندا رهن ٿا. هن مقبري جي عمارت صحيح حالت ۾ نه آهي. مقبري جي ڀر ۾ ڪچين سرن جي آڳاٽي تعمير ٿيل هڪ مسجد به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو